سي ٽي ڊي کي عالمي معيار تي اپ گريڊ ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم شروع

سي ٽي ڊي کي عالمي معيار تي اپ گريڊ ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) کي عالمي معيار تي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 3 ارب رپين جي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جو پهريون مرحلو 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ پوليس علامه نبي ميمڻ ”جنگ“ سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ سنڌ کي انٽرنيشنل ۽ جديد طرز تي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 3 ارب رپين جا فنڊ منظور ڪيا آهن.هن ٻڌايو ته ان اهم منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ جديد سافٽ ويئر خريد ڪيو پيو وڃي ته جيئن سي ٽي ڊي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ کي محفوظ ۽ عالمي ادارن سان مطابقت پيدا ڪري سگهجي. غلام نبي ميمڻ موجب سي ٽي ڊي سنڌ لاءِ ماهر آءِ ٽي انجنيئرز جي ڀرتي ڪئي پئي وڃي، ان سان گڏ سي ٽي ڊي آفيسرن جي فول پروف سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي بلٽ پروف گاڏيون خريد ڪيون پيون وڃن.آءِ جي سنڌ چيو ته نه رڳو سي ٽي ڊي جي آفيسن پر هر عهدي جي آفيسرن ۽ ملازمن جي گهرن کي به دهشتگردي کان محفوظ بڻايو پيو وڃي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي ۽ اندرون سنڌ ۾ سي ٽي ڊي جا مخصوص ڪمپليڪس ٺاهي رهيا آهن، ان ڪمپليڪس اندر پوليس اسٽيشن ۽ سي ٽي ڊي جون ٻيون آفيسون ۽ آفيسرن ۽ ٻين ملازمن جون رهائشگاهون به هونديون.آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اهو به ٻڌايو ته ان حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي، وڌيڪ اڳڀرائي پڻ تيزي سان ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو