سول اسپتال مان چوري جون دوائون ۽ شراب هٿ، ڪميٽي قائم

سول اسپتال مان چوري جون دوائون ۽ شراب هٿ، ڪميٽي قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سول اسپتال ۾ عيد گاهه ٿاڻي جي پوليس نيورولوجي، جي نرسنگ وارڊ ۾ ڇاپو هڻي سيڪيورٽي انچارج ڪريم خان، فرخ شاهه، خرم ۽ نويد کي دوائون چوري ڪندي پڪڙڻ جي دعويٰ ڪئي. ڇاپي دوران مختلف قسمن جي لکين روپين جي ماليت جون  انجيڪشنز ۽ ٻيون دوائون هٿ ڪيون ۽ پوليس موجب حراست ۾ ورتل جوابدارن وٽان اسپتال ۾ رکيل شراب جون ڏيڍ درجن کا مٿي بوتلون به هٿ ڪيون ويون. ذريعن موجب سول اسپتال انتظاميه بغير ڪنهن قانوني ڪارروائي جي جوابدارن کي ڇڏي ڏنو آهي. جنهن تي هڪ آر ايم او انتظاميا تي ڪاوڙ  ڪندي خط لکيو  ۽ اسپتال مان شراب  هٿ اچڻ ۽ جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل نه ڪرائڻ بابت وضاحت پڇي. خط ۾ ايم ايس ڊاڪٽر نجم کان پڇيو ويو آهي ته انتظاميه کي ان باري ۾ ڇو نه آگاهه ڪيو ويو.  اهڙي صورتحال بعد خانه پوري لاءِ  ايم ايس سول اسپتال نيورولوجي ۽ سرجيڪل وارڊ جي دوائن جي آڊٽ جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪميٽي ٺاهي آهي جنهن جو سربراهه ڊاڪٽر غلام  حسين بروهي کي مقرر ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو