سوشل ميڊيا تي فالوورز جو وڌيڪ انگ هجڻ ڪاميابي ناهي،عائزه خان

سوشل ميڊيا تي فالوورز جو وڌيڪ انگ هجڻ ڪاميابي ناهي،عائزه خان

ڪراچي(رپورٽر) اداڪاره عائزه خان چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي فالوورز جو وڏو انگ ڪاميابي جي ضمانت ناهي.گذريل ڏينهن عائزه خان جا انسٽاگرام تي 8 ملين يعني 80 لک فالوورز ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ هوءَ پاڪستان جي سڀني کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ اداڪاره بڻجي وئي، عائزه خان انسٽاگرام تي فالوورز جي انگ ۾ اضافي جي حوالي سان گذريل ڏينهن ئي هڪ طويل پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ پهريان ته هن پنهنجن سمورن چاهيندڙن جو شڪريو ادا ڪيو.ان کان پوءِ هن چيو ته اهو چوڻ ضرور آهي ته اڄ جيڪڏهن آئون گهڻا فالوورز جي خوشي ملهائي رهي آهيان ته صرف ان ڪري جو اڄ آئون جنهن جاءِ تي آهيان، اتي پهچڻ لاءِ مون سخت محنت ڪئي آهي، مون گهڻا فالوورز رکڻ بجاءِ پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏنو، مونکي منهنجي ماءُ سيکاريو آهي ته محنت ڪرڻ اهم آهي ۽ صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو