اسلام آباد(بيورو)سوئي سدرن گئس ڪمپني 72 ڪلاڪن لاءِ سي اين جي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سوئي سدرن موجب سي اين جي سڀاڻي صبح 8 وڳي کان 15 آگسٽ تائين نه هوندي.ياد رهي ته سوئي سدرن گذريل ڏينهن به سڄي سنڌ ۾ گئس جي فراهمي بند ڪري ڇڏي هئي.ايس ايس جي سي پاران سي اين جي پمپ 5 آگسٽ صبح 8 وڳي کان 8 آگسٽ صبح 8 وڳي تائين بند رهيا.










