اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي طرفان پيش نه ٿيڻ تي هڪ دفعو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
سينئر سول جج عباس شاهه ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي خلاف رياستي ادارن تي گمراهه ڪرڻ جا الزام ۽ ساک متاثر ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت حاضر نه ٿيڻ تي سهيل آفريدي جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي انهي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي خلاف پيڪا ايڪٽ جي تحت اين سي سي آءِ اي ڪيس داخل ڪري رکيو آهي.










