ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنھوار )ڪراچي ضلع اولهه جي ايس ايس پي سھائي عزيز پاران گلشن معمار ٿاڻي جي حد عبدالله گبول ڳوٺ ۾ کلي ڪچھري منعقد ڪئي.جنهن ۾ سرجاني ٽائون، لياري، گلشن معمار ۽ ٻين علائقن جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شھرين علائقي ۾ وڌندڙ چورين، ڦرن، منشيات۔ لينڊ مافيا جي ظلمن، پوليس جي ناانصافين تي ايس ايس پي کي آگاھ ڪيو، شھرين چيو ته رات جي وقت ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ گشت نه ٿا ڪن, احسن آباد چڙھائي تي پوليس چوڪي قائم ڪئي وڃي, سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ايم پي اي ربستان خان چيو ته اوھان جي ضلعي جي پوليس منشيات فروشن جي سرپرستي ڪري ٿي منھنجي تڪ جي ماڻھن کان اوھان جي پوليس في پلاٽ جي پرچي 2500 ھزار روپيه رشوت وٺي ترقياتي ڪمن جي اجازت ڏئي پئي جيڪا ھڪ ناانصافي آھي، پوليس شھرين کي تحفظ ڏيڻ بجاء لينڊ مافيا جي ماڻھن جو ساٿ ڏئي ٿي، ڪجھ ڏيھن اڳ گبول ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل سميع اللھ مھر جي ڀاء چيو ته ڏينھن ڏٺي ھٿياربندن منھنجي ڀاء کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ان جا قاتل اڃان تائين پوليس گرفتار ناھي ڪري سگھي منھنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي۔ ايم اين اي شاھه رحماني چيو ته ضلع اولھ ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ ضلعي کي نشي آور شين کان پاڪ ڪيو وڃي۔ ايس ايس پي سھائي عزيز کلي ڪچھري کي خطاب ڪندي چيو ته ڦر ۽ چورين ۾ ملوث جوابدارن سان ڪنھن به قسم جي رعايت ناھي، منشيات وڪرو ڪندڙ ڪندڙن خلاف ڪاروائيون تيز ڪيون ويون آھن، منشيات ۾ ملوث پوليس اھلڪارن خلاف به ڪاروائي ٿيندي، ھن ملڪ کي منشيات جھڙي لعنت کان بچائڻو آھي ان لاء عوام به اسان جو ساٿ ڏئي، اگر ڪوبه پوليس اھلڪار اوھان کي تنگ ٿو ڪري ۽ اوھان کي حراسان ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ٿو ڏئي اوھان فوري طور 15 تي اطلاع ڏيو ۽ ان کانپوء ھڪ درخواست لکي ايس ايس پي آفيس پھچي وڃون انشاء اللھ اوھان سان انصاف ٿيندو، مقتول سميع الله جي قاتلن تائين پھچي چڪا آھيون جلد کين گرفتار ڪنداسين، امن امان کي برقرار رکڻ لاء پوليس چوڪيون قائم ڪنداسين ته جيئن عوام بغير خوف جي ٻاھر نڪري ۽ پوليس کي ڏسي خوش ٿئي عوام جي دلين ۾ پوليس جو خوف ختم ڪرڻو آھي اسان اوھان جا محافظ آھيون۔ ان موقعي تي پ، پ اڳواڻ مير صمد بروھي، ميڊم زبيده اقبال، جان محمد گبول ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا،










