سنڌي ادبي سنگت گڏجاڻي شنڪر لال جي صدارت ھيٺ ٿي گذري

سنڌي ادبي سنگت گڏجاڻي شنڪر لال جي صدارت ھيٺ ٿي گذري

جنگشاهي(ن سنڌيار)سنڌي ادبي سنگت شاخ جنگشاهي جي گڏجاڻي شنڪر لال لونچواڻي جي صدارت ھيٺ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جنگشاهي جي سابق سيڪريٽري مرحوم گلزار علي (تسليم) پليجو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تفصيل موجب تاريخي شهر جنگشاهي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جنگشاهي جي گڏجاڻي شنڪر لال لونچواڻي جي صدارت ھيٺ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ نامياري تعليمدان پروفيسر حبيب الله پليجو، سائين قدرت الله پليجو، محمد جمن جوکيو، محمد انور (ساگر)، ظھير احمد پليجو ۽ عبدالقادر شيخ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جنگشاهي جي سابق سيڪريٽري مرحوم گلزار علي (تسليم) پليجو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ناليواري شاعرن سائين قدرت الله (ڪيف) پليجو ۽ محمد انور (ساگر) پاران شاعري پيش ڪئي وئي، جنھن تي ٽيڪا ٽپڻي ۽ واکاڻ ڪئي وئي، فيصلو ڪيو ويو تہ ايندڙ گڏجاڻي ۾ يونٽ سيڪريٽري جنگشاهي پاران ضلعي تنظيم کان ميمبر شب فارم وصول ڪيا ويندا تہ جيئن سنڌي ادبي سنگت شاخ جنگشاهي جي ميمبر شپ وڌائي سگھجي، گڏجاڻي ۾ شاعر محمد انور (ساگر) کي سنڌي ادبي سنگت شاخ جنگشاهي جو ميمبر چونڊيو ويو، گڏجاڻي جي اختتام تي فيصلو ڪيو ويو تہ ايندڙ گڏجاڻي عيد الفطر کانپوءِ ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو