سنڌو نواز ۽ سندس ساٿين تي تشدد  ۽ گرفتاري خلاف احتجاج

سنڌو نواز ۽ سندس ساٿين تي تشدد ۽ گرفتاري خلاف احتجاج

محراب پور (ن س) سنڌو نواز گھانگھرو ۽ سندس ساٿين مٿان تشدد ،گرفتاري واري عمل خلاف سنڌ سجاڳي ناري تحريڪ، سنڌي ادبي سنگت شاخ محرابپور ، سچل ڪميونٽي محراب پور پاران احتجاجي ريلي پبلڪ لائبرري کان ڪڍي وئي. ان موقعي تي غلام اڪبر، شڪيل احمد شيخ ،سنڌ سجاڳي ناري تحريڪ فوزيا ناز، جويرا، نصرت ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو نواز گھانگھرو مظلومن جو آواز بلند ڪندڙ آهي. ڪنڊيارو پوليس پاران پرامن احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ ۽ تشدد، مٿن ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ پوليس جي نااهلي آهي. سنڌ پوليس هميشه مظلومن تي ڪڙڪي پوندي آهي. وڏيرن، جاگيردارن، ڀوتارن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ هوندي آهي. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آجي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪنڊيارو پوليس ايس ايڇ او سميت اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جو سڏ ڏنو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو