ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گٽڪي، مين پڙي ۽ ٻي منشيات خلاف صوبائي سنڌ تي ٽاسڪ فورم قائم ڪئي وئي آهي.سنڌ پوليس جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ گٽڪي، مين پڙي ۽ ٻي منشيات خلاف ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جي سربراهي ايڊيشنل آءِ جيز انويسٽيگيشنز، آپريشن ۽ اسپيشل برانچ ڪندا.ترجمان ٻڌايو ته ٽاسڪ فورس سنڌ پوليس جي رينج وائز ڪميٽيون قائم ڪندي ۽ رينج وائز ڪميٽين ۾ سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسر مقرر ڪيا ويندا.ترجمان جو چوڻ هو ته انهن ڪميٽين ۾ ايس پي اسپيشل برانچ به شامل ڪيا ويندا.










