سنڌ ۾ ڪورونا جي لهر ۾ تيزي سبب نيون پابنديون لاڳو

سنڌ ۾ ڪورونا جي لهر ۾ تيزي سبب نيون پابنديون لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي گهرو کاتي طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن مطابق پابنديون 15 مارچ کان 15 اپريل تائين لاڳو هونديون.نوٽيفڪيشن مطابق اڄ رات 10 وڳي کان سڄي صوبي جا ڪاروباري مرڪز بند رهندا ، پر ميڊيڪل اسٽور ، ڪلينڪ ، اسپتالون ، پيٽرول پمپ ، بيڪري ، کيرجا دڪان ۽ ريسٽورنٽ کليل رهندا.نوٽيفڪيشن موجب 50 سيڪڙو عملو سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ ڪم ڪندو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تفريح واريون جڳهون  پارڪ 6 وڳي بند ڪيا ويندا ، ريسٽورنٽ اندر کاڌي جي اجازت نه هوندي ، پر هوٽل مان کاڌو گهرائڻ جي سهولت هوندي.نوٽيفڪيشن مطابق شادي هال رات 10 وڳي بند ٿيندا ۽ ڪورونا ايس او پيز جي پيروي ڪندي 300 ماڻهن کي کليل جاءِ تي دعوت ڏئي سگهجي ٿي جڏهن ته شادي هالز ۾ کاڌي جي اجازت نه هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪنهن مخصوص علائقي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري سگهن ٿا.ياد رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر کانپوءِ ، مختلف شهرن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ تعليمي ادارا پڻ ٻن هفتن لاءِ بند ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو