سنڌ ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهي ۾ ڪجهه هٿ خراب حڪمراني جو هو: چيف جسٽس

سنڌ ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهي ۾ ڪجهه هٿ خراب حڪمراني جو هو: چيف جسٽس

حيدرآباد(ن س) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ دوران آيل تباهي ۾ ڪجهه هٿ قدرتي آفت ۽ ڪجهه خراب حڪمراني جو هو، چونڊيل نمائندن کي ووٽرن هٿان احتساب جو احساس هجي ها ته هيءَ حالت نه ٿئي ها حيدرآباد بار کي خطاب دوران چيف جسٽس چيو ته عوام سوچي سمجهي پنهنجا نمائندا چونڊي اسيمبلين ڏانهن اماڻي هن چيو ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب بنيادي ڍانچو تباهه ٿي ويو، ٻوڏ ۽ امن امان جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهي، ان تي تبصرو نه ٿو ڪري سگهجي، عدالتون ايڊمنسٽريشن جا معاملا نه ٿيون هلائي سگهن

پهنجو تبصرو موڪليو