ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي ميدان ماري وئي ميونسپل ڪميٽي جِي جنرل ميمبرز وارين ڪُل 354مان 240 سيٽن جا نتيجا اچي ويا، پ پ 186، جي ڊي اي17 سيٽون کٽيون، 16 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ 13 سيٽون کٽي وئي ٽائون ڪميٽي جِي جنرل ميمبرن وارين ڪُل 694 مان 507 سيٽن جا نتيجا اچي ويا، پيپلزپارٽي 384 ٻهاري وئي، جِي ڊي اَي 52 سيٽون کٽيون، 46 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، پي ٽي آءِ کي 9 سيٽون مليون.. سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ چونڊ جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچڻ جو سلسلو جاري آهي سکر جي ٽائون ڪميٽي مڪي شاهه جي وارڊ نمبر تي ڪائونسلر لاءِ پ پ اميدوار اويس شيخ 317ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جماعت اسلامي اميدوار 114 ۽ تحريڪ انصاف اميدوار 94ووٽ کڻي سگهيا آهن قاضي احمد ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر تي ڪائونسلر لاءِ پ پ اميدوار غفار جتوئي 525ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار 234 ووٽ کڻي سگهيو مبارڪپور يوسي جي وارڊ نمبر هڪ جي غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب يوسي ۾ ڪائونسلر لاءِ پ پ اميدوار 941 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي اميدوار 391 ووٽ کڻي سگهيو وارهه ٽائون جي وارڊ نمبر 9 تي ڪائونسلر لاءِ غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار بلاول کهاوڙ 255 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جي يو آءِ اميدوار صديق مڱڻيجو 61 ووٽ کڻي سگهيو آهي پنوعاقل جي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 5 تي پ پ اميدوار صوبدار گڏاڻي 207 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جي يو آءِ اميدوار عبدالغفار 70 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو ڪنڌڪوٽ جي ميونسپل ڪميٽي وارڊ 12 جا غير سرڪاري نتيجا ڪجهه هن ريت آهن ته پ پ جو اميدوار مهيندر ڪمار 323 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جو موهن لال 155 ووٽ کڻي سگهيو ڪنري جي وارڊ نمبر 4 تي ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار عثمان بلوچ 645 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار رضوان بلوچ 136 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي رهيو نوشهروفيروز جي وارڊ نمبر 10 تي ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ جو اميدوار شاھنواز عمراڻي 425 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دين محمد ٻٻر 115 ووٽ کنيا نوشهروفيروز جي وارڊ نمبر 5 تي ڪائونسلر لاءِ غيرسرڪاري۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار رميز احمد 53 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي اميدوار بچل سولنگي 28 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي، وارڊ 01 تي جنرل ڪائونسلر جي چونڊ لاءِ پي ٽي آءِ جو عاشق سمون 563 ووٽ کڻي اڳتي آهي، جڏهن ته پ پ جي هيمراج اوڏ 525 ووٽ کنيا دوڙ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 9 تي جنرل ڪائونسلر لاءِ چونڊ لاءِ پ پ جو چوڌري ايوب 505 کڻي اڳڀرو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اشرف بلوچ 39 ووٽ کنيا آهن مبارڪپور يوسي، وارڊ 01 جي غير حتمي نتيجن موجب يوسي ۾ ڪائونسلر لاءِ پ پ اميدوار 941 ووٽ کڻي اڳڀرو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي اميدوار 391 ووٽ کڻي سگهيو آهي ،،سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي صورتحال ڇڪتاڻ رهي، جڏهن ته جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا،ٽنڊي آدم ۾ جهيڙي دوران پ پ اميدوار جو ڀاءُ مارجي ويو، سکر ۾ جاگيراڻي برادري جي جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. پرزائيڊنگ آفيسر موجب نوابشاهه ۾ مشتعل ماڻهن سوشل سيڪيورٽي پولنگ اسٽيشن تي ڀڃ ڊاهه ڪئي، هٿياربند عملي کي يرغمال بڻائي چونڊ سامان کڻي فرار ٿي ويا. ريجنل اليڪشن ڪمشنر نويد عزيز موجب واقعي جو ايس پي کي لکت ۾ اطلاع ڏنو ويو آهي. ايس ايس پي سعود مگسي چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، 15 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف موروڪي يوسي ڊپارٽمينٽ جي پولنگ اسٽيشن منگو خان دڙو تي جهيڙو ٿي پيو. نوشهروفيروز ۾ پولنگ دوران جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مخالفن هڪ ٻئي تي لٺبازي ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پولنگ جو عمل روڪيو ويو. پوليس موجب سانگهڙ جي علائقي شهدادپور جي يوسي غلام حيدر باگراڻي ۾ ٻن سياسي پارٽين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جهيڙي کانپوءِ پولنگ اسٽيشن 65 تي پولنگ روڪي وئي. هوڏانهن يوسي نمبر 50 هزارواه جي پولنگ اسٽيشن ڪوٽ ٻريو تي ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پڊعيدن ۾ يو سي ڀنڀاري پولنگ اسٽيشن ڄامن شاهه تي به پولنگ جو عمل روڪيو ويو، جهيڙي سبب ٻن ڌرين ۾ لٺيون لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٿرپارڪر جي تعلقي چلوئي پولنگ اسٽيشن ۽ پتر پولنگ اسٽيشن تي ٻن اميدوارن جي حمايتين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جيڪب آباد ۾ يونين ڪائونسل ڪنڊراڻي جي پولنگ اسٽيشن 517 گلشير ڪنڊراڻي تي جهيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اميدوارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
جي يو آءِ اميدوار جي گاڏي تي حملو
هوڏانهن ڪنڌڪوٽ ۾ جي يو آءِ ميونسپل ڪميٽي جي اميدوار شوڪت ملڪ جي گاڏي تي مخالفن پاران حملو ڪيو ويو، جنهن دوران مخالفن سندس گاڏي تي لٺين جي برسات ڪئي جنهن سان گاڏي جا شيشا ٽٽي ويا. ان کان علاوه 7 پولنگ عملي کي اغوا ڪيو ويو…..سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ 21 هزار اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته چونڊن لاءِ 9 هزار پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي، بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.لاڙڪاڻي ڊويزن جي جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ شهداد ڪوٽ ضلعن جا عوام اڄ پنهنجا مڪاني نمائندا چونڊيندا.سکر ڊويزن جي 3 ضلعن خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي، شهيد بينظير آباد ڊويزن جي 3 ضلعن شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، نوشهروفيروز ۽ 3 ضلعن ميرپورخاص، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿر پارڪر ۾ به پولنگ ٿي رهي آهي.مختلف ڊويزنن مان هڪ هزار کان وڌيڪ اميدوار بنا مقابلي چونڊيا ويا آهن.اليڪشن ڪميشن موجب ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز جا جوان سمورن تڪن تي گشت ڪري رهيا آهن.










