اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سنڌ هائوس تي حملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سنڌ هائوس تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. عدالت ان حوالي سان اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي آءِ جي اسلام آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن جي موجودگيءَ جي خبر پوڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جا 2 قومي اسمبلي جا ميمبر ڪارڪنن سان گڏ سنڌ هائوس پهتا، جتي مشتعل ڪارڪنن لتن ۽ لٺين سان سنڌ هائوس تي حملو ڪري ڏنو ۽ داخلا جو گيٽ ٽوڙي ڇڏيو هو. جنهن بعد شهباز گِل ٿاڻي تي پهچي شخصي ضمانت تي ايم اين ايز کي آزاد ڪرايو ۽ ڪارڪنن کي ڇنڇر تي ميجسٽريٽ شخصي ضمانت ت آزاد ڪيو.










