ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. سنڌ پوليس دعا زهرا جي مڙس ظهير احمد کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته ڇوڪري کي هر صورت ۾ ڪراچي آندو وڃي، ڪراچي ۾ ڏوهه ٿيو آهي ان ڪري ڪيس ڪراچي ۾ ٻڌو ويندو، ڪيس ان ئي شهر ۾ التوا ۾ آهي، اتي پناهه گاهون آهن. ڪراچي ۾ به ڇوڪري کي ڪراچي ۾ رکيو وڃي ته ڪو به خطرو نه هوندو، ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ به حفاظتي انتظام هوندا، جيڪڏهن ڪيس ڪراچي ۾ آهي ته ڇوڪري کي به ڪراچي آڻڻو پوندو. ڇو ته ڇوڪري جا والدين به ڪراچي ۾ رهن ٿا.عدالت جوابدار ظهير جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان چاهيو ٿا ته ڇوڪري کي ڪراچي منتقل نه ڪيو وڃي؟ ان تي جوابدار جي وڪيل چيو ته ڇوڪري کي ڪوڪراچي منتقل نٿو ڪري سگهجي، ڇوڪري ڪنهن سان ملڻ نٿي چاهي ته به ڪو ساڻس نه ٿو ملي سگهي، عدالت چاهي ته به ڇوڪريءَ سان ملڻ جو چئي نٿي سگهي.وڪيل جي دليلن تي عدالت چيو ته ڇوڪريءَ جي گهٽ عمر ثابت ٿي چڪي آهي، سندس بيان جي ڪا به اهميت ناهي، اسان ڇوڪريءَ کي والدين جي حوالي ڪرڻ جو حڪم نه ٿا ڏيون.ٻڌڻي دوران سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي وڪيلن به دعا زهرا جي ڪراچي منتقلي جي حمايت ڪئي، جنهن تي عدالت ڇوڪري جي بازيابي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.عدالت چيو ته درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو.










