ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته گڏيل مقابلي واري امتحان (CCE) بابت شفافيت تي اٿاريل اعتراضن ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ موجود طريقيڪار بابت هڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
عدالت ايس پي ايس سي کي اهو به حڪم ڏنو ته رڪارڊ تي اهو به آندو وڃي ته CCE-2024 ۾ ڪامياب قرار ڏنل اميدوارن جا انٽرويو ڪهڙي طريقي سان ۽ ڪهڙن اصولن تحت ورتا ويا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن تي ٻڌل آئيني بينچ، جنهن ۾ جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس نثار احمد ڀنڀرو شامل هئا، ٻڌڻي 17 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ صوبائي قانوني عملدارن تفصيلي رپورٽ ۽ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهريو.
تنهن هوندي به، بينچ پنهنجي اڳوڻي عبوري حڪم ۾ واڌ ڪندي CCE-2024 جي نتيجن کي معطل رکڻ جو حڪم ايندڙ ٻڌڻي تائين برقرار رکيو.
شروعات ۾ عبدالرحمان ۽ ٻين ڇهن اميدوارن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته هنن CCE-2024 ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ 6 مئي تي ايس پي ايس سي طرفان پريس رليز ذريعي نتيجا جاري ڪيا ويا، جن ۾ صرف 70 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان کان پوءِ CCE-2024 خلاف ساڳئي نوعيت جون ٻيون ٻه درخواستون پڻ داخل ڪيون ويون.
14 مئي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ CCE-2024 جا نتيجا 21 مئي تائين معطل ڪندي سڄو امتحاني رڪارڊ سيل ڪرڻ ۽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
اڱاري ڏينهن ٻڌڻي جي شروعات تي 20 کان وڌيڪ ڪامياب اميدوار عدالت ۾ پيش ٿيا، ڇو ته کين هن ڪيس ۾ ڌر بڻايو ويو هو.
انهن جي وڪيلن سيد ثقلت رضوي، ذوالفقار شاهه ۽ ٻين دليل ڏنو ته درخواستگذارن سندن موڪلن خلاف ڪو به مواد رڪارڊ تي پيش ناهي ڪيو ۽ انهن معاملن ۾ حقيقتن بابت تڪرار موجود آهي، جنهن جو فيصلو آئيني اختيار هيٺ نٿو ڪري سگهجي.
انهن درخواستن جي قابلِ سماعت هجڻ تي به سوال اٿاريا ۽ چيو ته هر متاثر اميدوار لاءِ قانوني طور نمائندگي ۽ پوءِ اپيل جو مناسب طريقو موجود آهي، جيڪو اڃا تائين استعمال نه ڪيو ويو آهي.
ٻڌڻي دوران جسٽس جيسر رمارڪ ڏنو ته وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن سٺي نموني ڪم ڪري رهي آهي، پر سوال ڪيو ته سنڌ ۾ معاملن کي درست ڇو نه ڪيو ويو آهي.
بينچ اهو به چيو ته اهڙن مسئلن کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ هڪ واضح طريقيڪار يا معياري آپريٽنگ پروسيجر (SOP) جوڙڻ ضروري آهي.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حڪيم علي شيخ ۽ ساغر احمد عباسي جوابدارن جي طرفان جامع رپورٽ ۽ تبصرا جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو، جنهن تي عدالت کين مهلت ڏئي ڇڏي.
عدالتي حڪم ۾ چيو ويو: “ايندڙ ٻڌڻي تي ايس پي ايس سي هڪ تفصيلي جواب پيش ڪندي، جنهن ۾ اهو واضح ڪيو ويندو ته ايس پي ايس سي طرفان منعقد ڪيل مقابلي وارن امتحانن ۾ شفافيت بابت درخواستگذارن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪهڙو نظام موجود آهي.”
عدالت وڌيڪ چيو:”ايس پي ايس سي اهو به رڪارڊ تي آڻيندي ته ڪامياب قرار ڏنل اميدوارن جا انٽرويو ڪهڙي طريقي سان ۽ ڪهڙن اصولن موجب ورتا ويندا. ڪيس 17.06.2026 تي مقرر ڪيو وڃي. ان وقت تائين اڳ ۾ جاري ڪيل عبوري حڪم برقرار رهندو.”
ان کان اڳ درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو هو ته هنن اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ اعليٰ نمبر حاصل ڪيا هئا، لکت واري امتحان ۾ به شرڪت ڪئي ۽ سٺو پرفارم ڪيو، پر غير لاڳاپيل اثر رسوخ ۽ جانبدارانه بنيادن تي ڪميشن صرف پنهنجي پسنديده اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو.
هنن اهو به دليل ڏنو ته ايس پي ايس سي پنهنجي ساک وڃائي ويٺي آهي، ڇاڪاڻ تہ مبينا طور ترتيب ڏنل نتيجن خلاف درخواستون ڏيڻ باوجود نه ڪو نوٽيس جاري ڪيو ويو ۽ نه ئي سندن ٻڌڻي ڪئي وئي.
پنهنجي جواب ۾ ايس پي ايس سي به درخواستن جي قابلِ سماعت هجڻ تي اعتراض واريا ۽ چيو ته درخواستگذارن لاءِ قانون موجب مڪمل، مناسب، وقتبند ۽ مقرر ٿيل علاج موجود آهي، جنهن ۾ نمائندگي ۽ پوءِ اپيل جو طريقو شامل آهي.
ڪميشن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته ان جو ڪردار صرف سيل ٿيل لفافن ۾ موصول ٿيل چڪاس ڪيل جوابي پرچن کي حاصل ڪرڻ، نمبرن جي ترتيب ۽ ڳڻپ ڪرڻ، قانوني معيارن جو اطلاق ڪرڻ ۽ نتيجن جو اعلان ڪرڻ تائين محدود آهي، جڏهن ته جوابي پرچن جي رازداري ۽ امتحان وٺندڙن جي سڃاڻپ کي لاڳاپيل ضابطن تحت قانوني تحفظ حاصل آهي.










