سنڌ حڪومت چوي ته ٿاڻن تي رينجرز مقرر ڪريون، شيخ

سنڌ حڪومت چوي ته ٿاڻن تي رينجرز مقرر ڪريون، شيخ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻي، ناڪامي مقدر هوندي، اپوزيشن شوق سان اچي، ناڪامي اوهان جو مقدر آهي، اپوزيشن چوي ٿي ته هنن ڪارڊ ڇپائي ڇڏيا آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير چيو تھ عمران خان به ڇاتيءَ سان ڪارڊ لڳائي ويٺو آهي، اپوزيشن ڀل بي اعتمادي رٿ آڻي، پاڻ ڦاسي پوندي، ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم اتحادي پارٽيز آهن. دوستن ۾ اختلاف ٿيندا آهن، لاتعلقي ناهي ٿيندي، پ پ جو لانگ مارچ نه روڪيو ويندو، ڪراچي ۾ قانون جي ڪا به رٽ نظر نه ٿي اچي، ڪراچي ۾ بدامني جا تمام خراب نتيجا نڪرندا. ھن چيو تھ ڪراچي ۾ رينجرز جو فورس وڌائڻ  جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت اجازت ڏي ته ڪراچي جي ٿاڻن ۾ رينجرز کي مقرر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 27 فئبروري تي اچي رهي آهي کين مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو