سنڌ حڪومت حليم عادل جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي:ترجمان

سنڌ حڪومت حليم عادل جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي:ترجمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت حليم عادل شيخ کان پوليس سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي، کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار سنڌ حڪومت هوندي. حليم عادل شيخ جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اپوزيشن ليڊر سيڪيورٽي لاءِ پوليس موبائل رکي سگهي ٿو، کيس هڪ وزير جهڙي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي آهي.ترجمان موجب حليم عادل شيخ کي هن وقت سيڪيورٽي جي حوالي سان خطرا موجود آهن، جنهن جو اظهار به هو ڪري چڪو آهي.ترجمان چيو ته بجيٽ تقرير کانپوءِ سنڌ حڪومت اپوزيشن ليڊر کي پهريون تحفو ڏنو آهي، کيس ڪنهن به قسم جو نقصان ٿيو ته ذميوار سنڌ حڪومت هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو