ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ سرڪاري ڪڻڪ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي حوالي سان حليم عادل شيخ پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جي هر کاتي ۾ رڪارڊ ڪرپشن ٿي رهي آهي خوراڪ کاتي کي سوني جهرڪي سمجهي لٽيو پيو وڃي هڪ ضلعي جي 8 گودامن مان 13 هزار ميترڪ ٽن ڪڻڪ 70 ڪروڙ رپين جي چوري ٿي چڪي آهي سڄي سنڌ ۾ ڏٺو وڃي ته ڪيتري ڪرپشن ڪئي وئي هوندي گزريل سال به 15 ارب جي ڪڻڪ ڪوئا ٽڪي ويا هئا ڪڻڪ ڪرپشن ۾ 10 ارب جي رڪوري نيب گزريل سال ڪرائي هئي 295 ارب جي ڪرپشن بارداڻي ۾ ڪئي وئي هئي 200 ارب جي سبسڊي به فوڊ کاتو هڙپ ڪري چڪو آهي 15 سالن ۾ هي ڪوئا فوڪجي ويا آهن هر شئي کائي وڃن ٿا پر کين ڪوئي فرق نٿو پوي ۽ نه ئي ڪائي ڪارروائي ٿئي ٿي اڄ سنڌ ۾ اٽو هڪ سئو کان 110 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي ايندڙ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته هلندڙ سال 65 رپيا ڪلو سنڌ حڪومت اٽي جو اگهه مقرر ڪيو آهي ڪٿي به هن اگهه تي اٽو نٿو ملي هن ڀيري به سنڌ جي گودامن ۾ لکين ٻوريون سڙي چڪيون آهن هن ڀيري به اربن جي ڪرپشن ڪڻڪ ۾ ڪئي پئي وڃي ملير جي گودامن ۾ ڪڻڪ کاڄي وئي آهي اها کاڄيل ۽ سڙيل ڪڻڪ عوام کي کارائي ويندي هي سرڪاري ۽ سياسي ڪوئا ڪڻڪ جي گودامن ۾ پهچي چڪا آهن گذريل ڀيري 15 ارب جي ڪڻڪ ڪوئا کائي ويا هئا هن ڀيري اڃا وڌيڪ کائي ويندا هاڻي انقلاب کان پوءِ سب ڪوئا قيد ٿي ويندا عمران خان اڪثريت سان ايندو سڀني ڪوئن جو پيٽ ڦاڙي حساب وٺندو.










