سنڌ حڪومت 19 لک ويڪسين جو آرڊر ڏئي ڇڏيو

سنڌ حڪومت 19 لک ويڪسين جو آرڊر ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو آهي ته ڳئون ۾ چمڙي جي بيماري انسانن ۾ منتقل ناهي ٿيندي. هي بيماري مڇرن ۽ خاص قسم جي جراثيم جي چڪڻ سان ٿيندي آهي ان بيماري جو شڪار فقط ڳئون آهن. جنهن جو سنڌ ۾ انگ 0.2 سيڪڙو آهي. ڪراچي ۾ 16 هزار ڳئون متاثر ٿيون آهن سنڌ حڪومت 1.9 ملين ويڪسين برآمد ڪرڻ جو آرڊر ڇڏيو آهي جلد ئي جانورن جي ويڪسينيشن جو عمل شروع ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته لپمي اسڪن بيماري 100 سالن کان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جانورن ۾ ايندي رهي آهي. باقي ان سان ڪو به انسان متاثر ناهي ٿيو هن چيو ته لمپي اسڪن بيماري جو پهريون ڪيس نومبر ۾ ظاهر ٿيو اسان ان وقت وفاقي حڪومت کان گھر ڪئي ته بيماري کي نوٽيفائي ڪيو وڃي ڇو ته اهو اختيار وفاق وٽ آهي. عبدالباري پتافي چيو ته اسان وفاق کان گھر ڪئي ته اسان کي ويڪسين برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جيڪا وقت تي نه ڏني وئي. اسان بيماري وڌڻ ڪري کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ۽ هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي، جڏهن ته جراثيم مار ۽ مڇرن جي خاتمي جي ڦوهارو جي لاءِ ميونسپل ڪمشنر کي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران اسان هڪ ڀيرو ويڪسين درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي جنهن کان پوءِ اسان لپمي اسڪن وائرس جي ويڪسين جي لاءِ مختلف ملڪن جي ڪمپنين سان رابطو ڪيو جنهن مان ٽن ڪمپنين جن مان ٻه ترڪي ۽ هڪ مصر جي ڪمپني کي آرڊر ڏنو ويو آهي اميد آهي ته ويڪسين به جلد پهچي ويندي. هن چيو ته لمپي اسڪن وائرس جي حوالي سان ايس او پيز جاري ڪيون ويون آهن اسين وزير اعليٰ سنڌ ۽ پنهنجي قيادت جا ٿورائتا آهيون جيڪي هن بيماري جي حوالي سان فڪر مند آهن. وزير اعليٰ سنڌ ٻن ڏينهن ۾ سمري منظور ڪئي ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته حڪومت جانورن جي ان بيماري جي خاتمي لاءِ ڪيتري سنجيده آهي هن چيو ته منڊين تي لڳايل پابندي جلد ختم ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو