اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ صوبي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. پهرين مرحلي ۾ سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي 14 ضلعن ۾ چونڊون ٿينديون. انهن ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ لاءِ ووٽنگ 26 جون تي صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين ٿيندي. ھر ضلعي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ريٽرننگ آفيسر هوندو.
28 -اپريل: نامزدگي ڪاغذن لاءِ رٽرننگ آفيسرن (آر اوز) پبلڪ نوٽيس جاري ڪندا.
10-13 مئي: اميدوار نامزدگي ڪاغذ آر اوز وٽ جمع ڪرائيندا۔
14 مئي: اميدوارن جا نالا شايع ڪيا ويندا.
18-16 مئي: آر اوز پاران نامزدگين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي.
21-19 مئي: آر اوز جي فيصلي خلاف اپيلون داخل ڪري سگهجن ٿيون.
مئي 25-23: اپيلن جو فيصلو اپيليٽ اٿارٽي ڪندي.
26 مئي: اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ شايع ڪئي ويندي.
27 مئي: استعيفيٰ ڏيندڙ ۽ نظرثاني ٿيل اميدوارن جي لسٽ شايع ڪرڻ جي آخري تاريخ.
28 مئي: مقابلي ۾ اميدوارن کي نشان الاٽ ڪيا ويندا.
26 جون: پولنگ جو ڏينهن
30 جون: نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو.
وڌيڪ هدايتن ۾ چونڊن جي شفاف ۽ ايمانداريءَ سان انعقاد کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ اليڪشن ڪميشن ايگزيڪيوٽو کي هدايت ڪئي ته هو رياستي وسيلا استعمال ڪري ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪري يا ڪنهن اميدوار جي حق ۾ چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ کان روڪي.اليڪشن ڪميشن خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به سرڪاري آفيسر پنهنجي عهدي جو غلط استعمال ڪندي چونڊن تي اثرانداز ٿي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.










