ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ جو ورهاڱو پاڪستان جي ورهاست آهي، سنڌ جو چونڊيل چيف ايگايڪٽو آهيان صوبي جا اختيار ڪنهن سان شيئر نه ڪندس، ڪنهن جي دماغ ۾ خلل، فتور يا ڀوسو ڀريل آهي ته اهو ڪن کولي ٻڌي ته ڪڏهن به ڪراچي کي وفاق حوالي نه ڪنداسين، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن آڏو ڄمي مقابلو ڪنداسين، ٽن وڏين جماعتن جي گڏجاڻي ۾ معاهدو ناهي ٿيو ۽ نه ئي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايگزيڪيوٽو جي اختيارن ۾ ڪنهن کي به شيئر نه ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گڏجاڻين ۾ اسان واضح ڪيو ته ايگزيڪيوٽو جا اختيار ۽ وفاق جو ڪردار ٻئي ڪنهن کي به نٿو ڏئي سگهجي، وڏين جماعتن ۾ اڃا به گڏجاڻيون ٿينديون، ڪميٽي ٺهي ته اُن ۾ سياسي جماعتون نه پر حڪومتن جا نمائندا شامل هوندا، وفاق سان ڳالهيون ڪرڻ گهرون ٿا ۽ اڳتي به جاري رهنديون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، جيڪو به ڌرتي ماءُ کي ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو، اُن جي اڳيان بيهي رهنداسين، آئين ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي ۽ صوبن جون حدون طئه ٿيل آهن، جنهن جي به دماغ ۾ سنڌ جي ورهاڱي وارو خلل آهي، اُهو ڪڍي ڇڏي، اين ڊي اي چيئرمين آيو ۽ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي هو نالن جي صفائي ڪرائڻ لاءِ آيو آهي، ساڻس 3 نالا صاف ڪرڻ جو طئه ٿيو هو، مڃون ٿا ته فنڊز جي عدم فراهمي سوڌو ٻين مسئلن سبب ڪراچي ۾ اطمينان جوڳو ڪم نه ڪري سگهيا آهيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ٿيون آهن، ڪو معاهدو ناهي ٿيو، ڪا ڪميٽي به ناهي ٺهي، ڳالهيون هلن ٿيون ۽ ڪميٽي ۾ حڪومت جا نمائندا هوندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت جا اختيار ڪنهن سان به شيئر نه ڪندس. هن چيو ته ڇا بارش رڳو سنڌ ۾ ٿي، ٻين صوبن وڌيڪ حالتون خراب هيون پر ٽارگٽ ڪراچي کي ڪيو ويو. چيف جسٽس کي به سڄي خبر هئي تڏهن هن وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي ته بارشون غير معمولي ٿيون. هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ڇا پيو ڪري؟ ان معاملي تي وفاقي حڪومت پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي ۽ تنقيد کان بچڻ لاءِ سنڌ کي نشانو بڻائي مختلف شوشا ڇڏي ڌيان هٽايو پيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ 200 کان مٿي ننڍا وڏا نالا آهن اڳ۾ ڪي ايم سي صفائي ڪندي هئي هاڻي سنڌ حڪومت 38 نالن جي صفائي پئي ڪري باقي ڊي ايم سيز وارا ڪندا. هن ٻڌايو ته ورلڊ بئنڪ جو وڏيو پروگرام اچي پيو ان سان نالن جي صفائي سان گڏ اهڙو انتظام ڪرڻو آهي جيئن ڪچرو نالن ۾ نه وڃي. ميئر پاڻ چيو ته اهو ڪم سنڌ حڪومت ڪري.










