ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ثقافت ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ آمريڪيڪونسل جنرل نڪولٿيريوٽ پاران سنڌ جي پبلڪ لائبريرين ۾ لنڪنڪارنر جي معاھدي ۾ واڌ بابت ياداشت نامي تي صحيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت نسيم الغني سھتو، ڊي جي لائبريريز، ثقافت کاتي ۽ آمريڪيسفارتخاني جا آفيسر پڻ موجود ھئا.معاھدي ۾ واڌ تحت ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي پبلڪ لائبريرين ۾ قائم لنڪنڪارنرز کي فعال رکيو ويندو. ان موقعي تي آمريڪي سفارتخاني پاران ٻُڌايو ويو تہ لياقت ميموريل لائبريري ۾ قائم لنڪنڪارنرڪراچي سنڌ ۾ ھڪ جدا حيثيت رکي ٿي جنھن کي پاڪستان ۾ ”اسٽارٽاپ ليب“ چيو وڃيٿو جتي ڪاروباري ماڻھو جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي پنھنجي خيالن کي ھڪ اسٽارٽ اپ ڪاروبار کي مفت ۾ تبديل ڪري سگھن ٿا.صوبائي وزير ثقافت ۽ تعليم سيد سردار علي ساھ ان موقعي تي ڳالھائيندي چيو تہ 2013 کان لنڪنڪارنر قائم ٿيڻ کان پوءِ معاھدي ۾ چوٿونڀيرو واڌٿيڻ تي خوشي ٿي رھي آھي، ھُن چيو تہ لنڪنڪارنر سبب تعليم، معلومات جي ڏي وٺ، ثقافتي ڏي وٺ ۽ ٻين معاملن ۾ نوجوانن لاءِ گھڻا موقعا پيدا ڪيا آھن. سيد سردار علي شاھ جو چوڻ ھو تہ آمريڪا پاران پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ترقي لاءِ مدد ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي، ان ئي آمريڪي تعاون سان سنڌ ۾ 130 اسڪول قائم آھن جنھن ۾ 100 کان وڌيڪ مڪملٿي چُڪا آھن.صوبائي وزير تعليم سردار شاھ جو چوڻ ھو تہ ٻوڌ جي صورتحال سبب تعليم جي شعبي کي سخت نقصان ٿيو آھي، اسان کي صوبي ۾ تعليم جي بحالي لاءِ عالمي معاون جي بہ ضرورت آھي.ان موقعي تي آمريڪيڪونسل جنرل چيو تہ اسان جڏھن آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعلق جي 75 سالن جو جشن ملھائي رھيا آھيون، پاڪستان ۾ اسان جي لنڪنڪارنرز عوام جا عوام سان تعلق وڌائڻ، پاڪستاني ۽ آمريڪي عوام کي ھڪٻي جي ويجھو آڻڻ ۽ تعليمي وسيلن ۽ معلومات تائين رسائي ڏيڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رھنداسين.










