ايس يو پي جو اجلاس سياسي صورتحال  پاڻي کوٽ تي ويچار

ايس يو پي جو اجلاس سياسي صورتحال پاڻي کوٽ تي ويچار

مانجهند (ن سنڌيار)سن ۾ ايس يو پي جو مرڪزي اجلاس ملڪي سياسي صورتحال پاڻي کوٽ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان غور ويچار جعلي ڊوميسائيلن کي روڪڻ لاء شناختي ڪارڊ جي نظام کي روڪڻ لاء شناختي ڪارڊ پاليسي تبديل ڪري صوبن حوالي ڪيو وڃي زين شاھ جي پريس ڪانفرنس تفصيل موجب سن ۾ ايس يوپي جي مرڪزي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اهم اجلاس چئرمين سيد جلال محمود شاه جي صدارت هيٺ سائين جي ايم سيد جي درياء واري بنگلي تي ٿي گذريو اجلاس ۾ سيد زين شاه روشن علي ٻرڙو جگديش آھوجا امير آزاد پهنور امير علي ٿيٻو اعجاز سامٽيو آغا قمر مشواڻي غلام مصطفي چانڊيو جبار اسلامي مختيار ميمڻ خواجا نويد امين خدا بخش ٿيٻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس جي بريفنگ ڏيندي پريس ڪانفرنس ڪندي مرڪزي صدر سيد زين شاه چيو ت اڄوڪي اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن پاڻي جي کوٽ ڊيموگرافي سميت مختلف موضوعن تي غور ويچار ڪيو ويو تازو ملڪ ۾ آيل تبديلي صرف ڏيکاء لاء ھئي خارجي پاليسي بهتر نه هئڻ ڪري بحران وڌي رهيا آھن جعلي ڊوميسائيل غلط شناختي ڪارڊن سبب ٺھن ٿا شناختي ڪارڊن جو نظام درست ڪري وفاق بدران صوبن حوالي ٿيڻ گهرجي غير ملڪي ۽ ڌاريان شناختي ڪارڊ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جي ائڊريس ڏيکاري ڊوميسائيل حاصل ڪن ٿا سنڌ ۾ پاڻي کوٽ واري مسئلي تي پ پ قيادت ٽريڪٽر ٽرالي مارڇ جو ڍونگ ت ڪيو پر وزير اعلي سنڌ وفاق آڏو آواز اٿارڻ بدران خاموش آھي کوٽ واري پاڻي تي پيپلز پارٽي جي وڏيرن جو قبضو آھي ملڪي تاريخ ۾َ پنجاب درياء ۾ پاڻي کوٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار نٿو ٿئي سيد زين شاه وڌيڪ چيو ت بلدياتي چونڊون ٽن سالن کان پوء ڪورٽ جي پريشر کان پوء ٿي رهيو آھن پر سنڌ حڪومت بلدياتي اليڪشن شفاف نموني نه پئي ڪرائي جيڪب آباد عمر ڪوٽ نواب شاھ ۽ ٻين شھرن ۾ پارٽي جي اميدوارن کي اغوا ڪرائي زبردستي هٿ کڻائڻ سان علاوه ڪيترن هنڌن تي فارم رد ڪيا ويا آھن آر اوز اي آر اوز جو معيار اهو آھي ت اهي پيپلز پارٽي جي جلسن ۽ جلوسن پارٽي جا جھنڊا کڻي ھلندا آھن جنهن سبب ڌانڌلي جي شروعات ڪئي وئي آھي اجلاس ۾َ گھر ڪئي وئي آھي ته عدالتي نگراني ۾ صاف شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي سنڌ جي زمينن خاص طور ڪوهستان جي زمينن تي قبضن ذريعي والار ڪئي پئي وڃي سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود 400 ارب سنڌ کي نه ملي سگهيا پر حڪومت هڪ سئو ارب کان گهٽ رقم تي به کين لکي ڏئي ڇڏيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو