ٽنڊو محمد خان (ن سنڌ يار)ٽنڊو محمد خان ۾ پوليس پاران سماجي برائين خلاف ڪاروائيون 2 منشيات فروش گرفتار ڪري ورتا. ٽنڊو محمد خان سٽي پوليس پاران پيٽرولنگ دوران ستر موري ڀرسان لنڪ روڊ تي ڪاروائي ڪندي مين پوڙي سپلائير عارف دستي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 2300 مين پوڙيون برآمد ڪيون ويون آهن جڏهن ته ٽنڊ غلام حيدر پوليس پاران پيٽرولنگ دوران مير واھ موري ڀرسان ڪاروائي ڪندي گهٽڪو سپلائير بابو چانگ کي گرفتار ڪري قبضي مان 350 عدد گهٽڪا برآمد ڪيا ويا آهن ، جڏهن ته ٻنهي منشيات فروشن خلاف الڳ الڳ ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن .










