جبران ناصر ويگو ۾ اغوا، مراد شاهه پاران رپورٽ طلب

جبران ناصر ويگو ۾ اغوا، مراد شاهه پاران رپورٽ طلب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور سماجي ڪارڪن، انساني حقن جو علمبردار ۽ وڪيل جي گهر واري اداڪارا منشا پاشا جو چوڻ آهي ته هٿياربند جبران کي زبردستي کڻي ويا. اداڪارا منشا پاشا هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته سفيد ڊبل ڪيبن ويگو گاڏي اسانجي گاڏي کي ٽڪر هڻي روڪيو ۽ ان ۾ سوار 15 هٿياربندن روڊ بلاڪ ڪيو ۽ پوءِ سندس مڙس جبران ناصر کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.منشا پاشا چيو ته هٿياربند جبران ناصر کي زبردستي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، هن عوام کي اپيل ڪئي ته مڙس جي جلد وطن واپسي لاءِ دعا ڪئي وڃي. ٻئي طرف هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جبران ناصر جي اغوا تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته جبران کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي ۽ اغوا ڪندڙن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي. سندس زال جبران ناصر جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پوليس موجب جبران ناصر جي گهرواري ڪلفٽن ٿاڻي ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي. منشا پاشا چيو ته منهنجي مڙس کي هٿياربندن زبردستي ڪار مان لاٿو ۽ کڻي ويا، پوليس منهنجي درخواست تي ڪيس داخل نه ڪري رهي آهي، ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سڀاڻي عدالت سان رجوع ڪندس. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته ڊفينس فيز 5 وٽان گذرڻ دوران اسان جي گاڏي سفيد ڊبل ڪيبن سان ٽڪرائجي وئي. درخواست ۾ منشا پاشا جو چوڻ آهي ته هڪ ٻي سلور رنگ جي گاڏي سامهون کان اسان جي گاڏي جو رستو بلاڪ ڪيو ۽ ٻنهي گاڏين ۾ 15 هٿياربند ماڻهو سوار هئا. ان حوالي سان ايس ايس پي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته جبران ناصر جي حوالي سان درخواست ملي آهي، منشا پاشا خلاف ڪلفٽن ٿاڻي ۾ اغوا جي سيڪشن تحت ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن سندس فوري محفوظ واپسي جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو