ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سماج ۾ انصاف جي فراهمي ۾ وڪيلن جو ڪردار اولين ڪردار هوندو آهي، جيڪو ڪنهن به جمهوري حڪومت ۾ سماج جو مثبت چهرو سامهون آڻيندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ وڪيلن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. قانون واري صلاحڪار وڪيل برادري جي وفد کي يقين ڏياريو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت وڪيل برادري جي ڀلائي ۽ پيشه ورانه معاملن کي هلائڻ سميت وڪيل برادري جي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان جي حل لاءِ جديد طرز تي قدم کنيا پيا وڃن. وڪيل برادري جي وفد ۾ صدر هاءِ ڪورٽ بار سليم منڱريو، جنرل سيڪريٽري عامر وڙائچ، پيپلز لائرز فورم جو صدر قاضي بشير احمد، شفيق بٽ شامل هئا. ان موقعي تي قانون وارو سيڪريٽري علي احمد بلوچ پڻ موجود هو. وڪيلن جي وفد قانوني صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته وڪيل برادري جا مسئلا جن ۾ هيلٿ انشورنس، حفاظتي انتظامن لاءِ هٿيارن جي لائسنس جي جاري ٿيڻ ۽ پلاٽن لاءِ مختص ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ شامل آهي انهن معاملن کي بهتر ۽ موثر انداز ۾ حل ڪرڻ ۾ قانون واري صلاحڪار جي خدمتن جو اعتراف ڪيون ٿا










