سليمان شهباز جو اڳوڻي گورنر  عمران اسماعيل کي هرجاڻي جو نوٽيس

سليمان شهباز جو اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي هرجاڻي جو نوٽيس

لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي هڪ ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي.سليمان شهباز طرفان موڪليل قانوني نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران اسماعيل سولر ڪانٽريڪٽ بابت بي بنياد الزام هنيا.سليمان شهباز عمران اسماعيل کي هڪ ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪليندي 14 ڏينهن ۾ معافي جو مطالبو ڪيو آهي، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران اسماعيل معافي نه گهري ته قانوني ڪارروائي جو حق رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو