اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان اهم ملاقات ڪئي. رياض پهچڻ تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان شهباز شريف جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو، شهزادي محمد بن سلمان وفد کي ڇڏي وزيراعظم کي سندس فارم هائوس تي ڊنر تي وٺي ويو، گاڏي به پاڻ هلائي، ٻنهي وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي ولي عهد سان ملاقات تمام خوشگوار رهي، ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ تي اتفاق ڪيو ويو.هن چيو ته هن شهزادي محمد بن سلمان کي ٻڌايو ته پاڪستاني عوام بيچيني سان سندس دوري جو انتظار ڪري رهيو آهي، وزيراعظم تازو ٻوڏ دوران امداد تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا.سعودي ولي عهد چيو ته گڏيل لاڳاپا ٻنهي ملڪن، خطي ۽ دنيا لاءِ اهم آهن.ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف مڪي پهچي ويو ۽ عمري جي سعادت حاصل ڪئي، وزيراعظم ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا به ڪئي.










