اسلام آباد (بيورو رپورٽ): پاڪستان جي مٿان مڙهيل معاشي بحران ۽ ادائگين جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ دوست ملڪ سعودي عرب پاران هڪ وڏو ۽ تاريخي قدم کنيو ويو آهي. سعودي حڪومت پاڪستان جو 5 ارب ڊالرن جو وڏو قرض 3 سالن جي مدت لاءِ رول اوور (واپس ڪرڻ جو وقت وڌائي) ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد ملڪي ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ مٿان وڏو دٻاءُ گهٽجي ويو آهي. ذريعن موجب سعودي عرب هي 5 ارب ڊالرن جو قرض پاڪستان کي گڏيل عرب امارات (UAE) جي واجب الادا رقم ۽ ٻين عالمي ادائگين کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ فراهم ڪيو هو. هي قرض شروعاتي طور تي رڳو 3 مهينن جي مختصر مدت لاءِ ڏنو ويو هو، پر پاڪستان حڪومت جي ڪامياب سفارتڪاري ۽ نئين معاشي حڪمت عملي بعد سعودي قيادت ان قرض جي مدت کي ايندڙ 3 سالن تائين وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان ملڪي معيشت کي وڏو سهارو ملندو.










