اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ايلون مسڪ، آمريڪي ڪمپني ٽسلا ۽ نجي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس جي مالڪ، مائڪروبلاگنگ سائيٽ Twitter کي خريد ڪرڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي ۽ في شيئر 54.20 ڊالر ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.جڏهن ته هاڻ سعودي شهزادي الوليد بن طلال رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ٽوئٽر ۾ وڌيڪ شيئرز رکندڙ شخص جي حيثيت سان ايلون مسڪ جي آڇ کي رد ڪريان ٿو.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ الوليد بن طلال لکيو ته ”ٽئٽر جي مستقل ترقي جي امڪانن کي نظر ۾ رکندي، مان نٿو سمجهان ته ايلون مسڪ جي 54.20 ڊالر في شيئر جي آفر ٽوئٽر جي حقيقي قدر جي به ويجهو آهي. ايلون مسڪ به الوليد بن طلال جي ٽوئيٽ جو جواب ڏنو ۽ لکيو ته جيڪڏهن کيس اجازت هجي ها ته هو صرف ٻه سوال پڇڻ چاهي ها. پهريون، ڪنگڊم جا ڪيترا شيئرز سڌي يا اڻ سڌي طرح Twitter ۾ آهن؟ ۽ ٻيو سوال اهو آهي ته پريس جي آزادي ۽ اظهار جي آزادي بابت بادشاهت جا ڪهڙا خيال آهن؟










