ٺٽو(ن سنڌيار)پيپلزپارٽي سينيٽر سسئي پليجو پاران سيد اعجاز شاهه شيرازي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.شيرازي خاندان جي سربراهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي مشير سيد اعجاز شاهه شيرازي جي وفات تي سسئي پليجو اڳوڻي ايم پي اي ۽ چيئرمين ٺٽو غلام قادر پليجو سرمد پليجو افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پليجو فيملي شيرازي فيميلي جي ان ڏک جي گهڙي ۾ شريڪ آهي ۽ مرحوم سيد اعجاز شاهه شيرازي جي مغفرت لاءِ دعاگو آهيون.










