سرڪاري اسڪولن ۾راندين جو هفتو ملهايو ويو

سرڪاري اسڪولن ۾راندين جو هفتو ملهايو ويو

سلطانپور (رپورٽ قربان مهر)اي ايم او هينڊس پاران گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀيلار ۾ راندين جو ھفتو  ملھايو ويو جنھن ۾ شاگردن مختلف رانديون کيڏيون  راندين جي ھفتي  ۾ ڪرڪيٽ والي بال رسا ڪشي  ۽ تقريري مقابلا ڪرايا ويا راندين جي ھفتي   ملھائڻ  جو مطلب نوجوان شاگردن ۾ راندين جي ذريعي سکڻ جو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ شاگردن جي ذھني نشو نما ڪرڻ ھو  تفصيلن موجب اي ايم او هينڊس طرفان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀيلار ۾ راندين جو ھفتو ملھايو ويو جنھن ۾ نوجوان شاگردن ۽ علائقي واسين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت  ڪئي شاگردن پاران اھڙن سرگرمين جي تعريف ڪئي ڪانفرنس جي اڳواڻي ڪندڙ مس عابده محمود جو چوڻ هو ته اسڪولي تعليم دوران شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ اھڙين سرگرمين ملھائڻ  جو مطلب آهي ته نوجوانن جي راندين جي ذريعي ذھني واڌويجھ ڪئي وڃي ته جئين ھو تعليم ڏانھن پورو ڌيان ڏئي سگھن ۽ راندين ۾ پڻ پاڪستاب جو نالو روشن ڪن  پروگام  ۾ شريڪ مهمان خاص ڊائريڪٽر پرائمري سکر حاجي محمد ٻرڙو صاحب ۽ ايس ايم سي چيئرمين انعام خان بلو جو چوڻ هو ته اسين هينڊس جا ٿورائتا آهيون جنهن جي تعاون سان اسان جي ٻارن ۾ اهڙا پروگرام ڪوٺايا وڃن ٿا هوڏانهن ايم ايم او هينڊس جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر زاھد حسين خاصخيلي  ۽ اسڪول ڪوآرڊينيٽر ڀيلار قربان علي جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته اڄ جا شاگرد اسان جي ملڪ جو خوشحال مستقبل آهن جنهن جي جي خدمت اسان جو قومي فرض آهي  اي ايم او هينڊس طرفان هڪ دفعو ٻيهر نوجوانن ۾ تعليمي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن انشاء الله ايندڙ وقت ۾ اسان جا شاگرد سنڌ ۽ پاڪستان جي خوشحالي جو خال ڀري قوم اڳيان سرخرو ٿيندا. پروگرام ۾ مختلف اسڪولن جي ھيڊ ماسترن ۽ استادن شرڪت ڪئي جنھن ۾ عبدالقدوس بلو محمد يوسف سومرو محمد حسين بلو عبدالڪريم بلو رانا محمد اختر  شڪيل احمد بلو ۽ ٻين استادن جو چوڻ ھو ته اھڙين سرگرمين سان شاگردن ۾ پڙھائي جو شوق وڌي ٿو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو