سريلنڪا پاران ايشيا ڪپ جي ميزباني تي معذرت

سريلنڪا پاران ايشيا ڪپ جي ميزباني تي معذرت

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)سريلنڪا ايشيا ڪپ جي ميزباني کان معذرت ڪري ورتي آهي، ان حوالي سان سريلنڪا ڪرڪيٽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) کي ٻڌايو آهي ته هو ايشيا ڪپ جي ميزباني نٿو ڪري سگهي.سريلنڪن ميڊيا موجب سريلنڪا ڪرڪيٽ گذريل ڏينهن اي سي سي کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو هو.سريلنڪا ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته موجوده سياسي ۽ معاشي بحران سبب ايشيا ڪپ جو انعقاد ممڪن ناهي.ميڊيا رپورٽن موجب سريلنڪا جي معافي کانپوءِ ايشيا ڪپ گڏيل عرب امارات ۾ نه ڪرائڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، ايونٽ جو هنڌ ڀارت سميت ڪو ٻيو ملڪ ٿي سگهي ٿو.سريلنڪن ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ لاءِ سريلنڪا پهرين امارات ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ايشيا ڪپ جي ميزباني سريلنڪا وٽ ئي رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو