ميلبورين(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرئين ليگ جي افتتاحي ميچ ۾ نمبيا سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي.164 رنسن جي تعاقب ۾ سريلنڪا 7 وڪيٽون وڃائي 14 اوورن ۾ 88 رنسون ٺاهيون.نمبيا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهيون.ڪواليفائنگ رائونڊ جي افتتاحي ميچ ۾ مان نمبيا خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين جان فري لنڪ ۽ جي جي سمٽ شاندار بيٽنگ ڪئي.جان فري لنڪ 44 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته جي جي سمٽ 31 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.سريلنڪا لاءِ پرمود مدھوشن 2 جڏهن ته مهيش تاڪسينا، دشمنٿا چيميرا، چميڪا ڪرونارتني ۽ ونندو هسرنگا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.اڄ آسٽريليا جي شهر جيلانگ جي ڪارڊينيا پارڪ اسٽيڊيم ۾ ٻه ميچون کيڏيون وينديون، جنهن ۾ پهرين ميچ نميبيا ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٿيندي، جڏهن ته ٻي ميچ گڏيل عرب امارات ۽ هالينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.سريلنڪن ٽيم جي قيادت داسان شنڪا ڪندو جڏهن ته نميبيا جي ڪپتان گيرارڊ اراسمس ڪندو.ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي ۾ ڪواليفائنگ ميچون کيڏيون وينديون، ٽورنامينٽ لاءِ ڪل 8 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.پهرين مرحلي جي پڄاڻي تي 4 ٽيمون مين رائونڊ سپر 12 لاءِ ڪواليفائي ڪنديون، سپر 12 رائونڊ 22 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو.










