مظفرآباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ سردار تنوير الياس بنا مقابلي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجي ويو آهي. آزاد ڪشميرجي وزيراعظم جي چونڊ ڏينهن جو ڏيڍ وڳي ٿيڻي هئي پر متحده اپوزيشن وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ٿيندڙ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب تحريڪ انصاف جي اميدوار جي مقابلي ۾ ڪوبه اميدوار نه هو. پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان سردار تنوير الياس نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. جنهن کي اسميبلي جي سيڪريٽري صحيح قرار ڏنو جنهن کان پوءِ سردار تنوير الياس بنا مقابلي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجي ويو آهي. ٻئي طرف اپوزيشن ميمبر جڏهن اسيمبلي کان ٻاهر نڪتا ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو. ان دوران ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي جنهن ۾ گارين ۽ سخت جملن جو استعمال ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي احتجاج سبب متحده اپوزيشن جا ميمبر واپس اسيمبلي جي عمارت ۾ داخل ٿي ويا ۽ انهن اسپيڪر کان ان صورتحال جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.










