وانا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروغه ۾ سيڪورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 5 اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. گذريل رات دير سان ٿيل دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيلن جو تعلق ايف سي جي 223 ونگ سان آهي. شهيد ٿيل اهڪارن ۾ نائب صوبيدار شاهد انور، نائڪ احمد خان، لانس نائڪ شهريار، سپاهي ايوب ۽ سهزاد شامل آهن. ڪنهن به گروهه ذميواري قبول ناهي ڪئي، سيڪورٽي فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.










