اسلام آباد(بيورو)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سامونڊي شعبي ۾ منافعي واري سيڙپڪاري ۽ واپار جا ڪيترائي موقعا موجود آهن.پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو ۽ ڪانفرنس جي پريميئر ايڊيشن جي سافٽ لانچنگ تقريب منعقد ڪئي وئي.پاڪ بحريه جي ترجمان موجب تقريب ۾ وفاقي وزيرن، سفيرن، فوجي عملدارن ۽ ٻين کاتن جي مهمانن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو.تقريب کي خطاب ڪندي نيول چيف ايڊمرل امجد خان نيازي چيو ته هي ايڪسپو پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.هن اهو پڻ چيو ته هي ايڪسپو عالمي سطح تي اسان جي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو.










