سائفر گم ٿيڻ جو ڊرامو ڪري هنن معاملي کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو: عمران

سائفر گم ٿيڻ جو ڊرامو ڪري هنن معاملي کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو: عمران

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مريم نواز جي خواهش آهي سائفر گم ٿي وڇي ته جيئن چاچي ۽ آمريڪا جي سازش جي عوام کي خبر نه پئجي سگهي پر انهن ڊرامو ڪري خط جي معاملي کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو آهي.ٽيڪسلا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته انهن سائفر گم ٿيڻ جي حوالي سان نئون ڊرامو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جي ماسٽر ڪاپي پرڏيهي وزارت ۾ موجود آهي، مريم نواز پنهنجي سفير کان ان حوالي سان پڇي سگهي ٿي.هن چيو ته انهن کي ٻيهر اين آر او ملي ويو آهي، جڏهن ته اسان کي هر ٻئي ڏينهن ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، بلاول ڪروڙين رپيا لڳائي مهانگائي مارچ ڪرڻ آيو پر ماڻهن کي رڳو ان جو ڄنگهون ڏڪڻ وارو لفظ ياد آهي، اڄ پاڪستان ۾ مهانگائي 50 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي.سندس چوڻ هو ته اهي حڪومت ۾ اچي عوام لاءِ ڪجهه نه پيا ڪن، رڳو پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائي رهيا آهن، انهن جي قانون تبديل ڪرڻ سان طاقتور قانون کان بچي ويندا ۽ ننڍا ماڻهو پڪڙيا ويندا.عمران خان چيو ته اسحاق ڊار نواز شريف کان به ڊڄڻو آهي، ڊيل بنا ان جي واپسي ممڪن نه هئي، جيڪي سازش کي ڪامياب ٿيڻ کان روڪي ٿا سگهن اهي ان وقت پاڪستان کي نيوٽرل چوندا ته قوم کين ڪڏهن معاف نه ڪندي. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته امپورٽڊ حڪومت ٽيون ڀيرو منهنجي گهر پوليس موڪلي آهي، امپورٽڊ حڪومت ٻڌي ڇڏي، ڌمڪيون ڏيڻ بدران پڪڙي جيل ۾ ئي وجهي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو