زهريلي گيس سبب ڪراچي ۾ فوتين جو انگ 7 ٿي ويو

زهريلي گيس سبب ڪراچي ۾ فوتين جو انگ 7 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪياماڙي واري علائقي ۾ گيس جي ڦهلاءَ سبب مرندڙن جو انگ 7 ٿي ويو آهي جڏهن درجنن جي تعداد ۾ ٻيا ماڻهو زخمي آهن. گذريل رات کان شروع ٿيل سلسلي بابت اڃا ڪا ٺوس معلومات سامهون ناهي اچي سگهي ته گيس ڪٿان ليڪ ٿي آهي ۽ اها ڪهڙي گيس آهي. اطلاعات جي وزير سعيد غني مرندڙن جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته متاثرن کي ضياءَ الدين، جناح ۽ ڪتيانه ميمڻ اسپتالن م داخل ڪيو ويو آهي جن جو تعداد 100 کان مٿي آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي دوا دارو ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي. سٺي صابڻ جي خوشبو جهڙي گيس ڦهلجڻ سبب مسان واري علائقي ۽ ريلوي ڪالوني ۾ ماڻهن دم گهٽجن جي شڪايت ڪئي هئي. جنهن بعد جهاز راني جي وزير علي زيدي ڪراچي بندرگاهه جو دورو به ڪيو هو جتي کيس ٻڌايو ويو ته بندرگاهه تان گيس ناهي ليڪ ٿي. سنڌ جي وڏي وزير به نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي آهي. نيوي جي بايولوجيڪل ٽيم مختلف جاين تان نمونا گڏ ڪيا آهن پر اڃا رپورٽ سامهون ناهي اچي سگهي. ڪسٽم هائوس ۾ زهريلي گيس سبب دم گهٽجڻ ڪري 4 ملازم بيهوش ٿي ويا جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. نيشنل شپنگ ڪارپوريشن پنهنجي ورڪشاپ بند ڪري ڇڏي آهي. ڪي پي ٽي موجب جهازن جي اچ وڃ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو