زميني تڪرار، ڪيس داخل، گرفتاري جي خاطري، ڌرڻو ختم

زميني تڪرار، ڪيس داخل، گرفتاري جي خاطري، ڌرڻو ختم

نواب ولي محمد (ن سنڌيار) زميني تڪرار تان قتل ٿيل 5 ڄڻن جا لاش سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ دفنايا ويا آهن. ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ۾ جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن بعد، اياز، شير محمد، صابن، اڪمل ۽ معشوق ڀنڊ جا لاش دفنايا ويا. و اضح رهي ته 4 ڏينهن اڳ ڪچي جي ديهه ٻنڀائي ۾ سرنهن لڻڻ کان روڪڻ تان زرداري ڌر جي ماڻهن جي فائرنگ ۾ مرزاپور جي چوڪي انچارج عبدالحميد کوسو سوڌو 6 ڄڻا مارجي ويا هئا، مقتولن جي وارثن ۽ قومپرستن اڳواڻن جي قيادت چئن ڏينهن تائين لاشن سوڌو ڌرڻو هنيو ويو هو جيڪو اڱاري تي فجر مهل ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. نيشنل هاءِ وي جيڪو لڳاتار بند هو، اهو به کوليو ويو آهي ۽ هزارين گاڏيون جيڪي ڦاٿل هيون اهي روان دوان آهن. ڪالهه شام تائين پوليس ۽ ڌرڻي وارن جون ڳالهيون ٿيون جيڪي ڪامياب نه ٿي سگهيون هيون ڌرڻ وارن جو مطالبو هو ته اڳ ۾ محسن ۽ عابد زرداري سميت جوابدار گرفتار ڪريو ايس ايس پي نوابساهه سعود مگسي کين چيو هو ته گرفتاري لاءَ مهلت ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو