ٺل(ن سنڌيار)دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ رسول بخش ڪٽوھر ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ڪٽوھر برادري جي موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن حملو ڪري ڪلاشن ڪوف جا برسٽ ھڻي ھوٽل تي ويٺل 55 ورھين جي گل محمد ڪٽوھر کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن تـ فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻوامان الله زخمي ٿي پيو واقعي بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي جڏھن تـ واقعو پوليس چوڪي ڀرسان ٿيڻ جي باوجود پوليس ڪابـ مزاحمت نـ ڪئي پوليس موجب ڪٽوھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ھلندڙ آھي ۽ جنھن تان ڳوٺاڻي کي قتل ڪيو ويو آھي جڏھن تـ ٻئي ڌريون ڳڙھي خيرو جا رھواسي آھن واقعي جي جانچ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.










