خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڳوٺ لڙهي اڄڻ ۾ زمين جي معاملي تان هٿياربندن جو گهر تي حملو, ننڊ ستلن مٿان فائرنگ, عورت سميت 2 ڄڻا قتل ھڪ عورت زخمي اسپتال داخل گمبٽ جي ڳوٺ لڙهي اڄڻ ۾ زمين جي معاملي تان اڄڻ برادري جي گھرن تي هٿياربندن جي ڪاه ننڊ ستلن مٿان فائرنگ گوليون لڳڻ سبب مسمات راحت خاتون اڄڻ, وزير اڄڻ قتل ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي جنهن کي گمبٽ گمس اسپتال داخل ڪيو ويو اتي موجود وارثن ٻڌايو ته ناريجا برادري جي هڪ ڌر سان زمين جو معاملو هلندڙ آهي ان ڪري حملو ڪيو ويو آهي رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته زمين تي معاملي تان قتل ٿيا آهن انهي مسئلي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو










