پکو (عبدالوحيد ميئو) ڳوٺ شهداد بروهي جو رهواسي 40 ورهين جو پرائمري استاد محمد ايوب بروهي ڊيوٽي تان واپس پنهنجي ڳوٺ اچي رهيو هيو ته سندس ڳوٺ ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو جنهن بعد مقتول جي ڀاءُ امام علي بروهي ۽ ٻين وارثن پاران لاش کڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رشيد وڳڻ منٺار علي عمراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته مقتول محمد ايوب بروهي جي ڌر جو ٻئي ڌر سان زمين جو پراڻو تڪرار هلندڙ هيو جنهن جا فيصلا به ٿيل هئا ۽ اڄ هو ڊيوٽي تان واپس ڳوٺ پهتو ته جوابدار ڌر کيس گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ لاڙڪاڻو نيو ويو آهي جيئن ئي وارث ٿاڻي تي ايندا ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي طرف جوابدار واقعي بعد گھر خالي ڪري ويا.










