ميلبورين (ويب ڊيسڪ)زمان خان جي ٽي 20 بلاسٽ ۾ شاندار پرفارمنس جو سلسلو جاري آهي، برمنگهم خلاف ڊربي شائر جي نمائندگي ڪندي 3 وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون.زمان خان 4 اوورن ۾ 34 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، هن 12 بالن تي بالنگ ڪئي.ٽيم ڊربي شائر ۾ پاڪستاني بيٽسمين حيدر علي ميچ ۾ 32 رنسون ٺاهيون.ٻئي طرف ناٽنگهم شائر جي شاهين آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو، هن 4 ڇڪن جي مدد سان 11 بالن تي 29 رنسون ٺاهيون. ليسٽر شائر جي نسيم شاهه چئن اوورن ۾ 20 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي.










