اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي اسپيشل عدالت سينٽرل ۾ آصف زرداري، نوازشريف ۽ ٻين جي خلاف توشه خانه گاڏين جي ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن اڳڀرائي جي ملتوي ڪئي وئي. اسپيشل جج همايون دلاور ڪيس جي ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت کي ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي طرفان چالان جي حوالي سان رپورٽ اڄ به جمع نه ڪرائي وئي جنهن سبب ٻڌڻي اڳيان نه وڌي سگهي. نيب عدالت کان ايف آءِ اي عدالت منتقل ٿيڻ جي 16 مهينن کان پوءِ به ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي.رڪارڊ موجب 12 ڊسمبر 2024 تي نيب ڪورٽ ڪيس اسپيشل جج سينٽرل ڏانهن منتقل ڪيو هو جنهن کان پوءِ هينئر تائين گڏيل طور تي 17 ٻڌڻيون بنا ڪنهن اڳڀرائي جي ملتوي ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته 2020 کان 2024 تائين چئن سالن جي دوران نيب عدالتن ۾ هن ڪيس جون 60 ٻڌڻيون ٿيون.توشه خانه گاڏين جو ڪيس نيب ترميم سبب اسپيشل جج سينٽرل ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو جڏهن ته نيب طرفان انهي معاملي ۾ 2020 ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو هو.










