اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي صحت واري وزير ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته آصف زارداري کي ڪرنگهي جي هڏي ۾ تڪليف وڌي وئي آهي ۽ کيس تمام سخت تڪليف آهي. هن چيو ته ڪرنگهي جي هڏي جي ٽن مهرن ايل 1، ايس 4 ۽ ايس 5 ۾ مسئلو آهي. ان جي علاج جو پاڪستان ۾ ڪو به ماهر ڊاڪٽر موجود نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيل انتظاميا کيس بيدردي سان بڪتر بند گاڏي ۾ عدالت وٺي اچي ٿي جنهن سبب تڪليف وڌي وڃي ٿي. هوڏانهن پمز اسپتال ۾ داخل زرداري جو طبي معائنو ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوٻ آهي ته زرداري جي خون ۾ سفيد سيلز جي گهٽتائي ٿي رهي آهي جنهن سبب ڪمزور ٿي ويو آهي. گذريل رات ميڊيڪل بورڊ سندس معائنو ڪيو جن کي هن ٻڌايو ته کيس ڳچي ۽ چيلهه ۾ سور آهي، ڪنڌ ڦيرائي نٿو سگهي. ڊاڪٽرن سندس فزيو ٿراپي شروع ڪرائي ڇڏي آهي. سندس شگر مسلسل گهٽ رهي ٿي ۽ سندس هڪ هڪ ڪلاڪ بعد شگر جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي انسولين لڳائي پئي وڃي. ياد رهي ته نواز شريف جي رت ۾ به سفيد سيلز گهٽ وڌ ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽرن هن کي اسپتال ۾ رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.










