زال تي تشدد: ٽڪ ٽاڪر علي حيدري جي عبوري ضمانت منظور

زال تي تشدد: ٽڪ ٽاڪر علي حيدري جي عبوري ضمانت منظور

لاهور: (ويب ڊيسڪ) زال تي تشدد واري ڪيس ۾ ٽڪ ٽاڪر علي حيدرآبادي جي عبوري ضمانت منظور ڪندي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.تفصيل موجب لاهور جي مقامي سيشن عدالت مشهور ٽڪ ٽاڪر علي حيدرآبادي جي پنهنجي گهر واري تي تشدد جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت جوابدار کي قانون موجب پوليس جاچ جو حصو بنجڻ جي سخت هدايت به جاري ڪئي آهي.ٽڪ ٽاڪر علي حيدرآبادي جي خلاف سندس گهر واري تي تشدد ڪرڻ جي الزامن تحت ڪيس داخل ٿيل آهي جنهن ۾ گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ جوابدار پنهنجي وڪيل جي ذريعي سيشن عدالت ۾ ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪئي.عدالت جوابدار جي عبوري ضمانت 14 جولاءِ تائين منظور ڪندي پوليس کي انهي جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. عدالت جوابدار کي حڪم ڏنو آهي ته هو لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس جي سامهون پيش ٿي جاچ ۾ شامل ٿئي ۽ ڪيس جي انڪوائري ۾ مڪمل طور تي تعاون ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو