رٽائر ٿيندڙ استادن جي مان ۾ الوداعي تقريب، ڀيٽا پيش

رٽائر ٿيندڙ استادن جي مان ۾ الوداعي تقريب، ڀيٽا پيش

ڏوڪري(محمد قاسم ٻگھيو) گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مين ڏوڪري جي ٻن سينئير استادن سائين اظهار علي ميراڻي. سائين محمد جمن ميراڻي جي ريٽائرڊ ٿيڻ تي پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر غلام علي منگي ۽ ان جي اسٽاف پاران سندن جي مان ۾ الوداعي تقريب رکي وئي. جنهن جي صدارت ٽي او تعليم تعلقه ڏوڪري محمد عثمان کوکر هو مهمان خاص پ ٽ الف تعلقه ڏوڪري جو صدر نياز حسين ٻگھيو.افروز ميراڻي. اڳوڻو هيڊ ماستر ڌڻي بخش پٺاڻ. پٽ الف تعلقه ڏوڪري جا اڳواڻ اظهار علي ٻگھيو ۽ ٻيا شامل هئا. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جنهن بعد ريٽائرڊ ٿيل استادن اظهار حسين ميراڻي محمد جمن ٻگھيو کي گلن جا هار پارايا ويا. ان موقعي تي اسڪول جي سينيئر استاد ۽  هيڊ ماستر غلام علي منگي آجياڻو پيش ڪيو ۔ان موقعي تي ڀٽائي پريس ڪلب ڏوڪري جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته هي جيڪي اڄ ٻئي استاد ريٽائرڊ ٿيا آهن اهي اسڪول جي سونهن هئا جن کي ھميشه دل ۾  ياد رکيو ويندو  هن آيل مهمانن کي پروگرام تي اچڻ تي شڪريو ادا ڪندي  ڀليڪار ڪيو. جڏهن ته ٿقريب کي احمد علي سومرو. محبوب علي پنهور. حيدر بخش جوڻيجو. رستم علي گاڏهي. جاويد منير. زاهد حسين ڪٽپر. حاڪم علي جوڻيجو. ذاڪر علي پٺاڻ. مشتاق علي جوڻيجو رفيق احمد ٻگھيو. جڏهن ته شبانه يوسف چنو. عرفان حيدر پٺاڻ. نعتون پڙهيون افسر عثمان کوکر تعليم جي اهميت تي تقرير ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پ ٽ الف تعلقه ڏوڪري جي صدر نياز حسين ٻگھيو چيو آهي ته استاد جو شان وڏو آهي جيڪو پيءُ جي حيثيت رکي ٿو هن چيو ته ريٽائرڊ ٿيل استاد پڙهائي جي معاملي ۾ بهترين ڪردار هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو