ملير( شهزادو مستوئي) گلستان جوهر واري علائقي ۾ سهرن جي گهر ترسيل رٺل زال 26 ورهين جي ڊاڪٽرياڻي ڪنزا کي پرچائي گهر وٺي وڃڻ ۾ ناڪامي تي ڪاوڙجي 30 ورهين جي انجنيئر مڙس راڻا هادي پنهنجي زال کي گوليون هڻڻ بعد پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منقتل ڪيو ويو. واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي گلستان جوهر پوليس جو چوڻ هو ته زال مڙس شاھ فيصل ڪالوني جا رهواسي ٻڌايا وڃن تا جيڪي ٻن ڌيئرن جا والد پڻ آهن گهرو تڪرار تان ناراض ٿي پيا جنهن سبب گهر ڀاتين زال کي وٺي ڪالھ رات گلستان جوهر ۾ سندس مائٽن جي گهر ڇڏي ويا. ٻئي ڏينهن ساهرن ۽ پيڪي وارن گڏجي زال مڙس ۾ ٺاھ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران مڙس راڻا هادي چيو ته هو پنهنجي زال سان اڪيلائي ۾ ڳالهائڻ چاهي ٿو جنهن بعد هن زال کي ڪمري وٺي ڳالهيون ڪيون ڪجھ دير کان پوءِ فائرنگ جا آواز ٿيا گهر ڀاتي پهتا ته ٻئي زال مرس رتو رت پٽ تي پيا هئا پوليس کي اطلاع بعد کين اسپتال نيو ويو.










