اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي ڪابينا جنسي زيادتي جي جوابدارن کي نامرد ڪرڻ سميت سخت سزا لاءِ سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس دوران اڪثر ڪابينا ميمبرز طرفان جوابدارن لاءِ ڦاهي جي سزا کي قانون ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو، وزيراعظم عمران خان طرفان جنسي زيادتي جي ڪيسز لاءِ جلد قانونسازي جي هدايت، قانوني ٽيم ائنٽي ريپ آرڊيننس جو مسودو تيار ڪري ورتو، ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو آهي ته متاثر عورتن ۽ ٻارن جي سڃاڻپ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ خصوصي خيال رکيو ويندو، اهڙو قانون آندو وڃي ته جيئن متاثر ٻار ۽ عورتون بنا ڪنهن خوف جي شڪايت داخل ڪرائي سگهن. ڪابينا اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي شبلي فراز چيو ته گينگ ريپ کي به ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ قانون واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي وئي آهي.










